اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آئيوري ڪوسٽ جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اڊامه بڪنوگو ملاقات ڪئي. پرڏ??هي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پارلياماني رابطن، او آءِ سي، آفريقي يونين ۽ واپاري ش??بي ۾ تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي پرڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان آئيوري ڪوسٽ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان آئيوري ڪوسٽ سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. آئيوري ڪوسٽ جي اسپيڪر بهترين ميزباني تي پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.