اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪست??ن پنهنجي خودمختياري ۽ علائ??ائ?? سالميت جي تحفظ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ڀارت پاران 26 جنوري 2019ع تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي ڪيل فضائي حملن جي خلاف پاڪستان جي مناسب جواب جا اڄ چار سال مڪمل ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن پاران جاري بيان موجب 26 ۽ 27 فيبروري 2019ع جا واقعا ڀارت جي جنگي جنون ۽ پاڪست??ن پاران زبردست تحمل ۽ ذميواري کي ظاهر ڪن ٿا، پاڪستان گرفتار ڀارتي پائليٽ کي امن جي لاءِ خيرسگالي جي اظهار طور واپس ڪري ڇڏيو هو. ترجمان چيو ته ڀارت کي پنهنجي لاپرواهي طرزعمل جي نتيجن کان آگاهه رهڻ گهرجي ۽ اهو سمجهڻ گهرجي ته پاڪستاني قوم پنهنجي خودمختياري ۽ علائ??ائ?? سالميت جي مڪمل تحفظ جي لاءِ تيار آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان ان سان گڏوگڏ پرامن گڏيل بقاءَ ۽ پراڻ?? تڪرارن جي حل لاءِ پرعزم آهي. بيان ۾ ان ڳا??هه تي به زور ڏنو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو دارومدارگڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان آهي.