اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي پنهنجي ايندڙ نسلن کي تعليم جي فراهمي اسان جي زندگي جو مقصد هجڻ گهرجي، هنرمندي جي تعليم کي فروغ ڏنو وڃ??، استادن جي معياري تربيت يقيني بڻائي وڃ??، تعليم وارو وفاقي وزير صوبن سان گڏجي هڪ ٺوس پروگرام ٺ??هي جنهن ۾ استادن کي ٽيبليٽس ڏنا وڃ??، استادن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حاضري کي ڊيجيٽائيز ڪيو وڃ?? ۽ باقاعدگي سان اسڪولن ۾ حاضر ٿيندڙ ٻارن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃ??. وزيراعظم هائوس ۾ ٽيلي اسڪول پاڪستان ايپلي ڪيشن جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته تعليم جي حوالي سان جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي تعليم جي فروغ لاءِ هي هڪ سٺو قدم آهي، ان تي تعليم واري وزير، تعليم واري سيڪريٽري، پي ٽي سي ايل چيئرمين سميت سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پنجاب ۾ پنهنجي 10 سالا دور ۾ مون ڏٺو ته استادن جي تربيت جو معيار بهتر نه آهي، الله ڪري ان حوالي سان تيزي سان قدم کنيا ويا هجن جڏهن ته ائين لڳي نه ٿو، پنجاب ۾ 40 ٽيچر ٽريننگ مرڪز جي ڪهاڻي مون کي چڱي طرح ياد آهي، ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، تعليم وارو وزير صوبن سان گڏجي هڪ ٺوس پروگرام ٺ??هي جنهن ۾ استادن کي ٽيبليٽس ڏنا وڃ??، استادن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حاضري کي ڊيجيٽائيز ڪيو وڃ?? ۽ باقاعدگي سان اسڪولن ۾ حاضر ٿيندڙ ٻارن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃ??. وزيراعظم چيو ته پوري پاڪستان ۾ هوشيار شاگردن ۾ هن سال هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا پيا وڃ?? جيڪو اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي، جيڪڏهن اسان کي پاڪستان ۾ پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻو آهي ته انهن کي ليپ ٽاپ جهڙا جديد اوزار فراهم ڪرڻا پوندا ته جيئن پوري پاڪستان ۾ اسان جي قوم جا اهي معمار جديد تعليم کان روشناس ٿي سگهن ۽ دنيا جي معيار تي پورا لهن. وزيراعظم چيو ته ووڪيشنل ٽريننگ سينٽرز جي لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ان پروگرام کي اڳتي وڌائين، اسان کي پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، مختلف شعبن بابت پرائيويٽ سيڪٽرز جون خدمتون ورتيون وڃ??، ميرٽ تي خدمتون ورتيون وڃ?? ۽ في ڪس ٻار ان جي فيس ادا ڪن ته جيئن اهي انهن کي ڀرپور ٽريننگ ڏين، حڪومت جو ڪم اهو نه آهي ته اها عمارتون ٺاهي ۽ وقت ضايع ڪري ۽ ان ۾ به خرابيون نڪرن، اسان کي ان جي بدران ٻارن تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي، سڄي ملڪ ۾ بهترين نجي شعبن جي شفاف طريقي سان خدمتون ورتيون وڃ?? ته جيئن اهي انهن کي ٽريننگ ڏين، اسان ڊي ايف آئي ڊي سان گڏجي ڏکڻ پنجاب مان اهو پروگرام شروع ڪيو هو ۽ پوري پنجاب ۾ هزارين ٻارن ۽ ٻارڙين کي تربيت ڏني، ان کانسواءِ اسان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ قائم ڪيو جنهن سان يتيم ۽ مستحق ٻارن فائدو کنيو، انهن جي مٿان شفقت جو هٿ رکڻ ۽ انهن کي تعليم جي فراهمي اسان جي ذميواري آهي، دانش اسڪول جي ماڊل تي پوري پاڪستان ۾ تعليمي ادارا ٺاهي رهيا آهيون، بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ جتي عام تعليم به دستياب نه آهي اتي دانش اسڪول جي لاءِ گڏجي رقم جو بندوبست ڪنداسين ۽ انهن کي اعليٰ تعليم جي لاءِ سهولتون مهيا ڪنداسين ته جيئن انهن کي اهو احساس ٿئي ته اهي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آهن. وزيراعظم چيو ته ٽيلي اسڪول پاڪستان اي?? هڪ سٺو قدم آهي، ان کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃ??، ڊيجيٽائيز تعليم کي فروغ ڏنو وڃ??، ان جي لاءِ جيتري محنت ۽ وسيلا دستياب آهن استعمال ۾ آندا وڃ??، ايندڙ بجيٽ ۾ ان حوالي سان منصوبو آندو وڃ?? ته جيئن جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي تعليم جو فروغ ممڪن ٿي سگهي، اهو اسان جي زندگي جو مقصد هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ استادن جي تربيت جي مرڪزن جو دورو ڪريو، آئون به تعليم واري وزير سان گڏ ويندس ته جيئن اسان ڏسون ته وفاقي گادي واري ش??ر ۾ انهن تربيتي مرڪزن جي صورتحال ڪهڙي آهي، ان ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، انهن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو وڃ??. تقريب ۾ سينيٽر عرفان صديقي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر وجيهه اڪرام پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن ۾ ڪروم بڪس پڻ ورهايا ۽ ٽيلي اسڪول پاڪستان ايپ جو افتتاح پڻ ڪيو. پاڪستان ۾ پي ٽي سي ايل جي چيئرمين حاتم بامحترم چيو ته ان اهم قدمن جي افتتاح جي موقعي تي هتي موجودگي منهنجي لاءِ اعزاز آهي، ان تي وفاقي تعليم واري وزارت کي مبارڪباد ڏيان ٿو، هي هڪ انقلابي قدم ۽ نئين دور جي شروعات آهي، پي ٽي سي ايل ان مقصد جي لاءِ حڪومت سان تعاون جاري رکندي.