لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ وزيراعظم رشي سنڪ سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جڏهن ??ه بادشاهه چارلس ۽ برطانيا جي وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم شهباز ??ري?? دولت مشترڪه ملڪن جي اڳواڻن جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ وزيراعظم رشي سنڪ سان ملاقات ۾ نئين بادشاهه جي تاج پوشي جي تقريبن جي لاءِ منعقد ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري تقريبن جي لاءِ شاندار انتظامن تي ٻنهي برطانوي شخصيتن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ برطانيا جي فراخدلاڻي مدد کي پڻ ساراهيو ۽ ٿورا مڃيا. هن ??جويز ڏني ته ٻنهي ملڪن کي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم هڪ گڏيل ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز پ??ش ڪئي جنهن ??ي سربراهي ٻنهي ملڪن ج?? سربراهه ڪن. بادشاهه چارلس ٽي ۽ برطانوي وزيراعظم رشي سنڪ پڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ برطانيا جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار جي حوالي سان برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي ساراهيو.