اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تڪبر، ضد، اناءَ، پنهنجي ذات ۽ مفاد?? جي بُت جو هائوس آف ڪارڊز ڌڙام سان زمين هيٺ دٻجي ويو آهي، پي ٽي آءِ مان روح نڪري ويو، پارٽي ٺاهيندڙ?? جي هلي وڃڻ سان بس هاڻي بُت ئي باقي رهجي ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير هڪ شعر ”دل ڪي ڦڦولي جل اُ??هي سيني ڪي داغ سي…. اس گهر ڪو آگ لگ گئي گهر ڪي چراغ سي??? جو حو??لو ڏنو. هن چيو ته مغرور چيو هو ته ڪنه?? جي اچڻ ۽ وڃڻ سان فرق نه ٿو پوي، هو اڄ عبرت جو زندهه مثال بڻجي چڪو آهي.