ڪراچي – 20 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تجديد عهد ڪيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ برابري جي فروغ جي لاءِ شهي?? محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي تي سختي سان ڪاربند رهنداسين. بلاول هائوس ميڊيا سيل پار??ن جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهي?? محترمه بينظير ڀٽو کي ??ن جي 70 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پُورب ڄائي ڪالهه به اونداهين ۾ گهيريل قوم جي لاءِ روشني جو ڪرڻو هئي ۽ اڄ به مشڪل حالتن ۾ ??ن جي سوچ ۽ فلسفو ملڪ جي لاءِ رهنمائي آهي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي ڪري ملڪ ۾ بي قابو ٿيندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ شهي?? محترمه بينظير ڀٽو جي عوام دوست فلسفي جي پيروي ڪرڻي پوندي. هن وڌي?? چيو ته ماضي ۾ به پاڪستان کي ??يت??ائي ڀيرا مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، پر عوام کي سدائين اهو يقين هوندو هو ته ڀلي حالتون ??يت??يون ئي ڏکيون ڇو نه هجن، ”بينظير ايندي، روزگار آڻيندي. آئون يقين ڏاريان ٿو ته جيڪڏهن عوام ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي مينڊيٽ ڏنو، ته عوامي حڪومت به ملڪ ۾ روزگار آڻيندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهي?? محترمه بينظير ڀٽو هڪ تاريخ ساز سخصيت ۽ انسان دوست تحريڪ جو نالو آهي. اڄ ملڪ ۾ جمهوريت جو ٻوٽو پروان چڙهڻ، حقيقت ۾ شهي?? محترمه بينظير ڀٽو جي ڊگهي ۽ اڻٿڪ جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي. قائد عوام جي شهادت کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت کي بچائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ شهي?? محترمه بينظير ڀٽو جو اهم ڪردار رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين نمونو ??ن جي سوچ ۽ فلسفي جي پيروي ڪرڻ ۽ پاڻ کي ??ن جي اڻ مڪمل مشن کي پڄاڻي تائين پهچائڻ آهي. محترمه بينظير ڀٽو جو مشن اهو آهي ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي هجي ۽ جمهوري ادارا مضبوط ٿين، ملڪ مان غربت جو خات??و ڪرڻ ۽ هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ آهي جتي رواداري، برابري ۽ هم آهنگي جو مان مٿاهُون هجي. وقت اچي ويو آهي ته اسان مان هر هڪ محب وطن پاڪستاني ملڪ جي ترقي، خوشحالي، استحڪام ۽ سربلندي جي لاءِ بينظير جي ويزن جو عزم ڪري.