اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي پي آر) جي منشيات رکڻ جي ڪيس ۾ سزا يافته ??ڳوڻي ملازم جي پينشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي پي آر) جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر کي 54 ڪلوگرام چرس رکڻ تي سزا ٻڌائي وئي هئي. صدر اي جي پي آر جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر مير محم?? قمبراڻي جي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل رد ڪندي قرار ڏنو ته ”سنگين بدانتظامي“ يا ”سنگين ڏوهه“ ۾ ملوث ڪنهن به سرڪاري ملازم جي پينشن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ بند ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب مير محم?? قمبراڻي (شڪ??يت ڪندڙ) کي نوڪري تان رٽائرمينٽ کانپوءِ گاڏي ۾ 54 ڪلوگرام چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ فوجداري ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي. ڪوئيٽا جي خصوصي عدالت شڪ??يت ڪندڙ کي منشيات ڪنٽرول ايڪٽ 1997ع تحت سخت پورهئي سان عمر قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. بعد ۾ اي جي پي آر فوجداري ڪيس ۾ سزا ٻڌائڻ جي تاريخ کان ڏوهاري جي پينشن روڪي ڇڏي. شڪ??يت ڪندڙ پنهنجي پينشن جي بحالي جي لاءِ اپيل داخل ڪئي جنهن کي ر?? ڪيو ويو. ڏوهاري فيصلي جي خلاف وفاقي محتسب کي شڪ??يت داخل ڪرائي جنهن کي اتان به ر?? ڪيو ويو. بعد ۾ شڪ??يت ڪندڙ صدر کي محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ??سپيشل جج ڪوئيٽا جي فيصلي موجب ڏوهاري جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس برآمد ٿي ۽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ڏوهاري رضاڪاراڻي طور تي اعتراف ڪيو ته ??ن کان اڳ به هو 4، 5 ڀيرا منشيات اسمگل ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته قانون تحت مستقبل جو سٺو طرزعمل پينشن گرانٽ جي لازمي شرط آهي، جيڪڏهن پي??شن?? ڪنهن سنگين ڏوهه يا بدانتظامي ۾ ملوث هُجي ته ??ڪومت پينشن يا ان جي هڪ حصي کي روڪڻ يا واپس وٺڻ جو حق محفوظ رکي ٿي. صدر چيو ته ??ابطي تحت پينشن جو پورو يا ڪو حصو روڪڻ يا واپس وٺڻ جي سوال تي صدر جو فيصلو حتمي هوندو آهي. سپريم ڪورٽ به پينشن جو حقدار هجڻ جي لاءِ سرڪاري ملازم جي سڄي زندگي جو سٺو عمل هجڻ ضروري قرار ڏنو آهي. صدر چيو ته ??ول سروس ضابطي 351 تحت مير محم?? قمبراڻي جي سزا جي تاريخ کان پينشن روڪي وڃي ٿي.