??وئ??ٽا – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بلوچستان جي ٽن ڏينهن جي دوري ??ي ??وئ??ٽا پهچي ويو. نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ بلوچستان جو هي پهريون دورو آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو ??وئ??ٽا ايئرپورٽ په??ڻ تي بلوچستان جي نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي، چيف سيڪريٽري ??ڪيل قادر خان ۽ آءِ جي پوليس عبدالخالق شيخ استقبال ڪيو. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ مواصلات وارو نگران وفاقي وزير شاهد تارڙ ۽ ٻيا پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.