اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي هنگو ۽ مستونگ ڌماڪن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جشن ولادت رسول ﷺ ۽ جمعي نماز کي پنهنجي ڪڌي ڪاررواين جي لاءِ چونڊ ڪري درجنين بيگنا??ه مسلمانن کي شهيد ڪيو، دهشتگردن جو ڪنهن به مذهب، نظريي ۽ ا??لا??يات سان ڪو تعلق نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته اها حقيقت آهي ته دهشتگردن جشن ولادت رسول ﷺ ۽ جمعي نماز کي پنهنجي ڪڌي ڪاررواين جي لاءِ چونڊيو ۽ درجنين بيگنا??ه مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو جنهن مان اها ڳالهه بنا ڪنهن شڪ جي ثابت ٿئي ٿي ته دهشتگردن جو ڪنهن به مذهب، نظريي ۽ ا??لا??يات سان ڪو تعلق نه آهي. پاڪستاني رياست انهن خونخوار درندن کي پوري قوت ۽ پاڪستان جي عوام جي طاقت سان ڪچي ڇڏيندي.