اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصو??ي نمائندي يوسف ايم الدوبي چيو آهي ته او آءِ سي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي لا??ِ انهن جي حمايت جاري رکندي، ڀا??ت پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ بابت 5 آگسٽ 2019ع جا غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم واپس وٺي ۽ ڪشميرين کي انهن جي جائز ۽ منصفاڻي خودمختياري جي حق سميت انهن جا حق ڏي. پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ او آءِ سي جي خصو??ي نمائندي چيو ته سندس پاڪستان جي دوري جو مقصد ڪشمير مسئلي بابت مڪمل آگاهي حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير او آءِ سي جي پليٽ فارم تي ه?? پراڻي ايجنڊا آهي، اسلامي تعاون تنظيم وقت بوقت ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال جي شديد مذمت ڪئي آهي، او آءِ سي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو، او آءِ سي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لا??ِ انهن جي حمايت جاري رکندي. او آءِ سي جو خصو??ي نمائندو هن وقت پاڪستان جي دوري تي آهي ۽ هو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو ته جيئن هو ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ۽ انساني صورتحال جو جائزو وٺي سگهي. هن چيو ته سندس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو تجويز ڪيل دورو هن سال ڊسمبر ۾ گيمبيا ۾ ٿيندڙ 15 هين اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) سربراهي ڪانفرنس کان اڳ والاريل ڪشمير جي حقيقتن ۽ زميني صورتحال بابت معلومات حاصل ڪرڻ آهي. او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصو??ي نمائندي 5 آگسٽ 2019ع تي ڀا??ت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. او آءِ سي جي خصو??ي نمائندي ياد ڏياريو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جو سيپٽمبر ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي اجلاس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو هو. هن چيو ته اجلاس ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ آزادي تي مسلسل پابندين تي پڻ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. او آءِ سي جي خصو??ي نمائندي ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي کي عالمي فورمز تي اجاگر ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت کي ساراهيو ۽ او آءِ سي جي ان مقصد جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي چيو ته او آءِ سي جي خصو??ي نمائندي سان ملاقات ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار ۽ والاريل علائقي ۾ ڀا??ت پاران انساني حقن جي جاري خلاف ورزين تي ٺوس ڳالهه ٻولهه تي ڌيان ڏنو ويو. هن چيو ته او آءِ سي جو ايلچي لا??ين آف ڪ??ٽر?? (ايل او سي) جو دورو ڪندو جتي هو زميني صورتحال تي بريفنگ وڍندو. هن چيو ته هو ڪشميري نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو ته جيئن هو والاريل علائقي ۾ ڪشميرين جي خراب حالت بابت آگاهي حاصل ڪري سگهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصو??ي نمائندي کي ه?? اهم ذميواري ڏني وئي آهي، هو او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ، آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن (آئي پي ايڇ آر سي) ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ، ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ، او آءِ سي جي وسيع تر ميمبرشپ، ٻين علائقائي ۽ عالمي تنظيمن ۽ عالمي برادري سان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت معاملن تي او آءِ سي جي مڪينزم سان گڏ هڪ اهم پل طور ڪم ڪري ٿو. هن چيو ته ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ آزادين تي پابنديون برقرار آهن. هن چيو ته پوري حريت سياسي قيادت ۽ ڪشميري عوام جو حقيقي آواز گذريل ڪيترن ئي سالن کان غيرقانوني طور تي نظربند آهي، گرفتار سياسي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جو مجموعي انگ چار هزار آهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ڀا??تي عملدارن عدالت کان ناليواري ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ جي لا??ِ موت جي سزا جو مطالبو ڪيو آهي جنهن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، هڪ ٻئي ڪشميري اڳواڻ شبير احمد شاهه پنهنجي 70 سال جي اڌ کان وڌيڪ زندگي جيلن ۾ گذاري آهي. پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀا??ت جي ه??طرفي ۽ غيرقانوني قدمن والاريل علائقي ۾ ڏاڍ جو هڪ نئون باب کولي ڇڏيو آهي، انهن قدمن جو اصل مقصد ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پائيدار حل بابت او آءِ سي جي قراردادن جي ذريعي ڪشميري عوام جي ڀرپور حمايت تي او آءِ سي جا پاڪستان پاران ٿورا مڃيا. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته موجوده ڀا??تي حڪومت ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ٽوڙي رهي آهي، ڪشميرين کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. او آءِ سي جو خصو??ي نمائندو يوسف ايم الدوبي ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي پلان آف ايڪشن تحت پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جو دورو ڪري رهيو آهي.