??ظف?? آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪش??ير جو 76 هون ي??م تاسيس سڄي رياست ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. 76 هين ي??م تاسيس جي موقعي تي سڄي رياست ۾ تقريبون منعقد ڪري ڪش??ير جي آزادي جي تحريڪ جي شهيدن، شهداءِ پاڪستان، پاڪ فوج جي شهيدن ۽ شهداءِ پوليس کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم جي تجديد ڪئي وئي ته ڪش??ير جي آزادي جي تحريڪ جي ڪاميابي ۽ ان جي منزل حاصل ڪرڻ يعني الحاق پاڪستان تائين جدوجهد جاري رهندي. 76 هين ي??م تاسيس جي موقعي تي ڏينهن جي شروعات ??ظف?? آباد مان 21 توپن جي سلامي سان ٿي، پاڪ فوج ي??م تاسيس جي موقعي تي توپن جي سلامي ڏني. 76 هين ي??م تاسيس جي مرڪزي تقريب گادي واري شهر ??ظف??آباد پريڊ گرائونڊ ۾ منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جو صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري هو. مرڪزي تقريب ۾ آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪش??ير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق، آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر، حڪومتي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، حڪومتي سيڪريٽرين، انسپيڪٽر جنرل پوليس، پاڪ فوج جي آفيسرن سميت سول ۽ عسڪري عملدارن کانسواءِ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آزاد ڪش??ير پوليس، ريسڪيو 1122، ڪمانڊوز، گرلز گائيڊ، بوائز اسڪائوٽس، ٽورسٽ پوليس جي دستن سلامي ڏني ۽ مارچ پاسٽ ڪيو. صدر رياست بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، وزيراعظم چوڌري انوارالحق پرچم ڪشائي پڻ ڪئي. صدر رياست بئريسٽر سلطان محمود چوڌري پريڊ جو معائنو پڻ ڪيو. صدر رياست بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ۽ وزيراعظم چوڌري انوارالحق ڪاڪڙ ي??م تاسيس جي تقريب کي خطاب پڻ ڪيو.