اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته واپاري برادري ڪاروبار کي فروغ ڏئي معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن س??ن ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ ??مي?? ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وف??قي وزير چيو ته نگران حڪومت اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي هر قسم جي مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته چيمبر جي ??عا??ن س??ن بزنس ڪميونٽي جي اهم مسئلن کي حل ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن ??عا??ن ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري سان ئي معيشت مضبوط ٿئي ٿي. ملڪي ترقي ڪاروباري طبقي جي خوشحالي سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ پاليسي سازي ۾ ڪاروباري طبقي جي راءِ کي اهم??ت ڏيڻي پوندي.