اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه ۾ اسرائيلي فوج جي خاص طور تي ٻارن جي خلاف وحشياڻي ڪاررواين کي ”چلڊرن هولوڪاسٽ“ قرار ڏيندي چيو آهي ته پيشيواراڻي فوج جو مقابلو فوج سان ئي ٿئي ٿو، اها ڪڏهن به معصوم شهرين، معصوم ٻارن ۽ عورتن کي نشانو ناهي بڻائيندي، غزه ۾ معصوم بارن ۽ عورتن جو قتل عام گڏيل قومن جي ٻارن، انساني حقن، عورتن جي حق بابت ڪنوينشن سميت سمورن حقن جي واضح خلاف ورزي آهي، غزه ۾ اه?? قتل عام بند ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي زارا الرٽ موبائيل ايپ جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن سال انساني حقن واري وزارت ٻارن جو عالمي ڏينهن ان وچن سان ملهائي رهي آهي ته اسان جي ٻارن جي هر طرح سان حفاظت اسان جو قومي فرض آهي، هن ڏينهن جي مناسبت سان زارا موبائيل ايپ جاري ڪئي وئي آهي جنهن جي ذريعي گم ٿيل ٻارن جي فوري بازيابي کي ممڪن بڻايو ويندو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم کي ٻارن جي چارٽر آف ڊيمانڊ پڻ پيش ڪيو ويو. نگران وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي غزه جا ٻار اسان جي ذهن ۾ آيا جتي اسرائيلي فوج پاران بارود جي زور تي انهن کي ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اه?? جسماني عضون کان محروم ڪيا پيا وڃن، انهن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي. هن غزه ۾ اسرائيلي فوج جي وحشياڻي ڪاررواين کي چلڊرن هولوڪاسٽ قرار ڏيندي چيو ته پيشيواراڻي فوج جو مقابلو پيشيواراڻي فوج سان ئي ٿئي ٿو، اها ڪڏهن به معصوم شهرين، معصوم بارن ۽ عورتن کي نشانو ناهي بڻائيندي. هن چيو ته حضرت موسيٰ عه جي پيدائش کان اڳ فرعون جي حڪم تي بني اسرائيل جي ٻارن کي قتل ڪيو ويو، ستم ظريفي اها آهي ته حضرت موسيٰ عه جا پيروڪار هجڻ جا دعويدار حضرت موسيٰ عه جي پيروي بدران فرعون جي نقش قدم تي هلي رهيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته غزه ۾ معصوم بارن ۽ عورتن جو قتل عام گڏيل قومن جي ٻارن جي حقن، انساني حقن، عورتن جي حقن بابت ڪنوينشن سميت سمورن حقن جي واضح خلاف روزي آهي، بي حسي سان اه?? قتل عام اڄ هڪ تمام وڏو چئلينج آهي. هن ان صورتحال ۾ گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جي ذميواراڻي ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته اها صورتحال فوري ڌيان جي گهرجائو آهي، غزه ۾ ٻارن، عورتن جو اه?? قتل عام بند ٿيڻ گهرجي، دنيا ۾ ماڻهن جي اڪثريت اسرائيلي وحشياڻي ڪاررواين جي مذمت ڪري رهي آهي، دنيا ۾ 8 ارب جي آبادي ۾ شايد ئي ڪو اهڙو هجي جيڪو ان ڏاڍ جو دفاع ڪندو هجي، ٻارن، بزرگن، عورتن سميت سڀ ان جي مذمت ڪري رهيا آهن، اسان او آءِ سي سميت ٻين پليٽ فارمز تان آمريڪا سميت ٻين عالمي طاقتن تي زور ڏئي رهيا آهيون ته اه?? ??نه??جو ڪردار ادا ڪن ۽ فوري طور تي جنگ بندي يقيني بڻائين ۽ انساني لنگهه قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻارن، بزرگن، عورتن سميت هر هڪ کي نشانو بڻايو پيو وڃي ان کي اسان نسل ڪشي چئي سگهون ٿا، اسان کي ??نه??جو آواز بلند ۽ ??نه??جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان ڏاڍ جو خاتمو ٿي سگهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ حڪومت جي ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته اسان جي معاشري جي هر طبقي جو اه?? فرض آهي ته اه?? ان مقدس مشن جي لاءِ ??نه??جو ڪردار ادا ڪن، ??نه??جي قوم جي هر ٻار جي حقن جي تحفظ جي لاءِ حڪومت ??نه??جي ذميوارين کان آگاهه آهي، اسان ان حقيقت کان چڱي ريت آگاهه آهيون ته ٻار اسان جو مستقبل آهن. هن انساني حقن واري وزارت ۽ زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايجنسي (زارا) کي موبائيل ايپ جاري ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته کيس اطمينان آهي ته اه?? قدم پاڪستان جي ٻارن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ اه?? قدم هوندو، ٻارن جي گمشدگي جي حوالي سان فوري شڪايت تي اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان جي فوري بازيابي جي قابل ٿي سگهندا. هن چيو ته هر ٻار کي معياري تعليم، صحت جي سهولتن ۽ ??نه??جي صلاحيتن کي نکارڻ جو حق حاصل آهي، حڪومت گڏيل قومن جي ٻارن جي حقن بابت ڪنوينشن تي عملدرآمد ۽ ٻارن جي حقن ۽ انهن جي بهتري لاءِ پرعزم آهي، اسان ??نه??جي ٻارن جو تحفظ ڪندي انهن کي ان قابل بڻائينداسين ته اه?? قومي ترقي ۾ ??نه??جو ڪردار ادا ڪري سگهن.