اسلام آباد – 11 – ڊس??بر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چونڊ عمل ۾ عورتن جي فعال ڪردار ??ي لازمي قرار ??يندي چيو آهي ته عورتن کي بااخت??ار بڻائڻ مقدس فرض آهي، صنفي امتياز جي خاتمي جي شروعات هر گهر کان ٿيڻ گهرجي، رڳو قانون ٺهڻ سان صنفي امتياز جو خاتمو ممڪن نه آهي، عورتن کي برابر حق ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان ۽ عورت فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ سياست ۾ عورتن جي شموليت جي عنوان سان ٿيندڙ پاليسي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو اڌ حصو آهن ۽ انهن کي بااخت??ار بڻائڻ اسان جو مقدس فرض آهي. هن چيو ته مسلمان دنيا ۾ پهرين عورت وزيراعظم پاڪستان مان ٿي. هن چيو ته هر گهر ۾ پٽن ۽ ڌيئرن کي برابر حق ملڻ گهرجن. رڳو قانون ٺهڻ سان صنفي امتياز جو خاتمو ممڪن نه آهي. هن چيو ته عورتون ب??ابر جون شهري آهن انهن جا حق مردن جي برابر آهن. هڪ ماءُ کي بهادري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته اها پنهنجي ??يءَ کي به ڪنهن به طور تي اهو تاثر نه ڏي ته هو پنهنجي ??اءُ کان ڪنهن به طرح گهٽ آهي. چونڊ عمل ۾ عورتن جي شموليت کي لازمي قرار ??يندي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن 16 ڊس??بر کان اڳ ڪنهن به اليڪشن شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيندي. چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، ان ۾ ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون حڪومت کي پنهنجون تجويزون ڏين. عورتن کي بااخت??ار بڻائڻ ۽ انهن جي حقن لاءِ جيڪو به ممڪن هوندو حڪومت قدم کڻندي.