گوانگ زو – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ڊيجيٽل دور ۾ ميڊيا جي ترقي جي امڪانن کي اجاگر ڪندي رابطي جي موقعن، اسٽريٽجڪ مواد جي تخليق ۽ عالمي مباحثي مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ميڊيا جي ترقي جي لاءِ اظهار ج?? آزادي ۽ ذميواراڻي صحافت جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پنجين عالمي ميڊيا سمٽ جي ذيلي فورم ۾ ”تبديلين کي قبول ڪرڻ: نئين ٽيڪنيڪي موقعن ۽ چئلينجز بابت ميڊيا جو ردعمل“ جي موضوع تي خطاب ڪندي چيو ته ميڊيا پنهنجي ڊيجيٽل موجودگي ۾ توسيع ۽ عالمي پهچ ۾ اضافي جي ذريعي آن لائين ٻڌندڙن کي وڌائڻ جي لاءِ فائدو کڻي سگ??ي ٿي. جديد دور ج?? چئلينجن جو ذڪر ڪندي هن چيو ت?? موجوده ڊيجيٽل دور ميڊيا کي اسٽريٽجڪ مواد تخليق ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا آهن جيڪي مختلف موقف جي ع??اسي ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ٻڌندڙن سان سڌوسنئون ڳالهه ٻولهه ۽ مشغوليت جا موقعا پڻ فراهم ڪيا آهن. هن چيو ته ميڊيا وسيلن ۽ مهارت کي وڌائي ٻين ادارن سان تعاون مان پڻ فائدو کڻي سگ??ي ٿي، ان کانسواءِ آمدني پيدا ڪرڻ جي لاءِ آن لائين پليٽ فارمز بشمول سبسڪرپشنز، اشتهارن ۽ اسپانسر شد?? مواد جو فائدو کڻي سگ??ي ٿي. هن چيو ته ميڊيا باخبر عوامي مباحثي ۽ شهري شموليت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگ??ي ٿي. هن عالمي شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته هڪ طرف ت?? موجوده ڊيجيٽل دور ج?? ڪري ميڊيا جي وچ ۾ ”بريڪنگ نيوز“ جي ڊوڙ لڳل آهي جڏهن ته ٻئي طرف ٽيڪنيڪي ترقي پهچ ۾ توسيع ۽ ڪيترن ئي ڊيجيٽل پليٽ فارمز پاران مونيٽائيزيشن جي ذريعي آمدني ۾ اضافي جا ڪافي موقعا پيدا ڪيا آهن. عاصم کچي چيو ته جيڪڏهن ان کي روڪيو نه ويو ته جعلي خبرن جو چئلينج ميڊيا جي ادارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ اسٽريٽجڪ سماجي، سياسي ۽ سلامتي جي مسئلن جو سبب بڻجي سگ??ي ٿو. هن اظهار ج?? آزادي ۽ ذميواراڻي صحافت جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ تي زور ڏنو جيڪو ميڊيا جي شعبي جي ترقي جي لاءِ تمام ضروري آهي. اي پي پي جي ايم ڊي چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز خبرن جي فوري نشر ۽ اشاعت ۽ ناظرين سان رابطي ڪاري کي فروغ ڏنو ۽ ان سان گڏوگڏ جديد انداز ۾ خبرن ۽ مواد جي تخليق جي لاءِ پڻ گنجائش فراهم ڪئي ۽ اهڙي طرح ميڊيا جي وڌيڪ متحرڪ منظرنامي ۾ حصو ورتو جڏهن ت?? موقعن مان فائدو کڻڻ جي حد مختلف ٿي سگ??ي ٿي جيڪا ريگيوليٽري ماحول، ٽيڪنيڪي انفراسٽرڪچر ۽ صحافتي اخلاقيات جي پابندي جهڙن عملن کان متاثر ٿئي ٿي. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي ترقي جي ڏس ۾ معاشي موزونيت هڪ ٻيو چئلينج آهي جيڪو ڪيترن ئي روايتي ميڊيا ادارن کي درپيش آهي جنهن سان تيزي سان اسرندڙ ٽيڪنالاجيز ۽ پليٽ فارمز موجب منهن ڏئي سگ??جي ٿو. اي پي پي جي حوالي سان هن حاضرين کي ٻڌايو ته چيني سميت ڪيترين ئي زبانن ۾ پنهنجي ٽيڪسٽ سروسز کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ نيوز ايجنسي پنهنجي ڊيجيٽيل دائري کي وڌائي سوشل ميڊيا جي ذريعي پڙهندرن سان ڳنڍجي ملٽي ميڊيا اسٽوري ٽيلنگ کي اختيار ڪري مختلف نيوز نيٽ ورڪس سان تعاون ڪري ميڊيا جي جديد موقعن مان فائدو کڻي رهي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پنجين عالمي ميڊيا سمٽ ميڊيا جي شعبي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ مهارت مان سکڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ هن ڊيجيٽل دور ۾ ميڊيا کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل بيانيو سامهون آڻيندي.