راولپنڊي-07 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڪاميابي پاڪستان جو مقدر آهي، پاڪ فوج ملڪ جي ??ڪ هڪ انچ جي حفاظت جو بي لوث ۽ مقدس فرض رت جي آخري ڦڙي تائين ادا ڪندي رهندي، پاڪستان جي امن ۽ استحڪام لاءِ دشمن قوتن جي ??اپاڪ ارادن کي هم آهنگي ۽ جامع حڪمت عملي ذريعي ناڪام بڻايو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پشاور جي دوري جي ??وقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. آرمي چيف کي سيڪيورٽي جي ??جموعي صورتحال، دهشتگردي جي خاتمي خلاف جاري ڪاررواين، غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جي ??طن واپسي ۽ نون ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف دهشتگردي جي خاتمي جي ??ختلف ڪاررواين دوران بهادري جو مظاهرو ڪندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ سپاهين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف انهن جي بهادري ۽ مثالي ڪاميابين کي ساراهيندي چيو ته قوم کي پنهنجي ??وج تي فخر آهي ۽ هو پاڪ فوج جي ڪاميابين جو به اعتراف ڪري ٿي. جنرل سيد عاصم منير پهرين قومي ورڪشاپ خيبرپختونخوا (NWKP-1) جي شرڪت ڪندڙن کي به خصوصي خطاب ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف چيو ته سيڪيورٽي فورسز کي خيبرپختونخوا جي غيور عوام جي ??رعزم حمايت سبب ئي صوبي ۾ استحڪام ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??نصوبن تي اڳڀرائي حاصل ٿي آهي. آرمي چيف نون ضم ٿيل ضلعن ۾ اقتصادي ترقي جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. آرمي چيف ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهي پاڪستان جي سلامتي ۽ معيشت کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن، انهن جي ??طن واپسي جو فيصلو حڪومت ملڪ جي ??سيع تر مفاد ۾ ڪيو آهي، غير قانوني پرڏيهين کي طئي ٿيل اصولن موجب باعزت طريقي سان سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو پيو وڃي. ان کان اڳ آمد تي ڪور ڪمانڊر پشاور آرمي چيف جو استقبال ڪيو.