اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ توانائي جي موثر استعمال ۽ پائيدار طريقن کي اختيار ڪرڻ سان گڏوگڏ ان حوالي سان روين ۽ ترجيحن کي تبديل ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر ۾ ”گرين پريزيڊنسي آف پاڪستان“ پراجيڪٽ جي ??والي سان هڪ تقريب کي خطاب ڪندي صد?? چيو ته قابل تجديد توانائي جي ??ريعن تي منتقلي، توانائي جو موثر استعمال ۽ ٻيلن جي ??حالي زمين جي ??بهوا ۽ ماحولياتي نظام تي پوندڙ منفي اثرن کي روڪڻ جي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته جديد دنيا بدلجندڙ ترجيحن ۽ روين سان خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي جنهن کي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي محدود ڪرڻ جي لاءِ روڪڻ ضروري آهي. گرين پريزيڊنسي آف پاڪستان هڪ اهم قدم آهي جنهن تحت توانائي جي ??چت ۽ ڪارڪردگي جي قدمن جي موثر لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ ميگاواٽ جو سولر فوٽوولٽڪ سسٽم هنيو ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان قدم جي نتيجي ۾ ايوان صدر پاران توانائي جي ??ستعمال ۾ 42.5 سيڪڙو گهٽتائي ايندي. اها توانائي جي ??چت 3144 ٽن گرين هائوس گئسن جي گهٽتائي يا 142090 وڻ لڳائڻ جي ??رابر آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها وڏي خوشي جي ڳالهه آهي ته سڄي دنيا جي 129 منصوبن مان پاڪستان جي گرين پريزيڊنسي پراجيڪٽ کي ”انٽرنيشنل انرجي پراجيڪٽ آف دي ايئر 2023ع“ جي ??اوقار ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي. هن ايسوسيئيشن آف انرجي ??نجنيئرز آمريڪا جي 2023ع جي ??هترين عالمي توانائي پراجيڪٽ آف دي ايئر ايوارڊ سان گڏ اعتراف تي به ٿورا مڃيا. هن دنيا ۾ امن کي فروغ ڏيڻ ۽ جنگين جي ??وصلا شڪني تي پڻ زور ڏنو جيڪو گلوبل وارمنگ کي گهٽ ڪرڻ ۾ دنيا جو ڌيان هٽائڻ جو هڪ وڏو سبب آهي. هن چيو ته ڪاربن جي ??خراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي ??اوجود پاڪستان کي گذريل سال جي ??باهي آڻيندڙ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو جيڪا گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري آئي. هن چيو ته 20 هين صدي جي وچ تائين ماڻهو بي پناهه وسيلن جي ??اوجود قدرتي وسيلن جي ??ستعمال جي ??والي سان حساس هئا پر هاڻي ترجيحون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ وڌيڪ وسيلن جو استعمال شروع ڪيو ويو. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ به پنهنجي ??ندگي ۾ قدرتي وسيلن کي انتهائي احتياط سان استعمال ڪرڻ جي ??عليم ڏني. صدر نشاندهي ڪئي ته موسمياتي تبديلي جي ڏس ۾ دنيا کي صاف توانائي جي ??ستعمال تي منتقلي جي ??خت ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويندا ۽ ٽيڪنالاجيز تيار ڪيون وينديون انهن جا جاگرافيائي سياست، جنگلي حيات، خوراڪ جي پيداوار ۽ انساني ڪوششن جي ??ٽڪل هر شعبي تي گهرا اثر پوندا. هن چيو ته فن تعمير سميت ڪيترن ئي شعبن جون ڌريون توانائي جي موثر استعمال ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ٻارن کي قدرتي وسيلن جي ??هميت ۽ موسمياتي تبديلين جي ??ثرن کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ به قدم کڻڻ گهرجن. ان کان اڳ صدر پراجيڪٽ ڊائريڪٽر، پراجيڪٽ جي ??ربراهه ?? اينگرو، هواوي ۽ اوساڪا لائٽس جي نمائندن کي پراجيڪٽ ۾ انهن جي ??عاون تي سووينيئرز ڏنا. ان موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ايسوسيئيشن آف انرجي ??نجنيئر جي ??يگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر بل ڪينٽ چيو ته ايسوسيئيشن چار ڏهاڪن کان انهن ماڻهن ۽ تنظيمن کي توانائي جي موثر استعمال جي ??والي سان انهن جي ڪوششن کي تسليم ايوارڊ ڏئي رهي آهي. هن پراجيڪٽ گرين پريزيڊنسي جي ٽيم کي ايوارڊ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني ته انهن جي ڪوششن سان ايوان صدر ۾ توانائي جي 42 سيڪڙو کان وڌيڪ بچت هڪ شاندار ڪاميابي آهي. مئنيجنگ ڊائريڪٽر نيشنل انرجي ??يفيشنسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (اين اي سي اي) چيو ته 2030ع تائين 60 سيڪڙو قابل تجديد توانائي پيدا ڪرڻ جي مقرر هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ 50 بلين ڊالر جي ??يڙپڪاري جي ??رورت پوندي.