اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي سينيئر قانوندان سلمان اڪرم راجا جي والده جي لاڏاڻي ت?? ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته مون کي پنهنجي دوست س??مان اڪرم راجا جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو آهي، والدين جو لاڏ??ڻو اولاد جي لاءِ هڪ تڪليف ڏيندڙ لمحو هوندو آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. ??ن مرحومه جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.