اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گڏيل هم آهنگي ۽ گڏيل سوچ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي امن، برابري ۽ انصاف جي اصولن تي ٻڌل آهي، پاڪستان پوري دنيا جي امن جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چ??و ته وزيراعظم کي پرڏيهي وزارت ۾ خصوصي بين المذاهب افطار ڊنر ۾ ڀليڪار چوڻ اعزاز جوڳو آهي، بين المذاهب افطار ڊنر ۾ سفارتي برادري جي موجودگي جي لاءِ ٿورائتو آهيان. هن سفيرن کي پاڪستان ۽ پنهنجي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي فروغ ۾ ڪردار کي ساراهيندي چ??و ته سڄي دنيا ج?? مسلمانن جي لاءِ رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جي خاص مذهبي ۽ سماجي اهميت آهي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چ??و ته پاڪستان گهڻ رخي، امن، ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جو علمبردار رهندو. هن چ??و ته پاڪستان 2025ع ۽ 2026ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ جي لاءِ اميدوار آهي، ايشيا پيسفڪ گروپ جي ملڪن ان سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي، پاڪستان جي حمايت جي لاءِ اسان انهن ملڪن جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير چ??و ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل سيٽ جي لاءِ ٻين سمورن ملڪن جي حمايت جو خواهشمند آهي، ڪائونسل ۾ پنهنجي مدي دوران پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڪائونسل جي مينڊيٽ کي فروغ ڏيندو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چ??و ته رمضان المبارڪ ۾ اسان کي غزه ج?? مسلمانن کي نه وسارڻ گهرجي، غزه ج?? مسلمانن کي گذريل ڇهن مهينن کان بک ۽ جنگ درپيش آهي. هن چ??و ته غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو وقت اچي ويو آهي، جنگبندي جو مطالبو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪيو آهي، علائقائي تڪرارن جي حل کانسواءِ امن ۽ خوشحالي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي. پرڏيهي وزير چ??و ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي فلسطين ۽ ڪشمير سميت پراڻي تڪرارن کي حل ڪيو و??ي، هن هفتي ماسڪو ۾ ۽ بشام ۾ ٿيندڙ حملا ياد ڏيارين ٿا ته دهشت??رد?? پوري دنيا جي لاءِ خطرو آهي، پاڪستان ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ علائقائي ۽ عالمي حصيداري کي فروغ ڏيندو رهندو. هن چ??و ته قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ”جيڪو ڪنهن هڪ جي حياتي کسيندو ان ڄڻ ته پوري انسانيت کي قتل ڪيو ۽ جنهن هڪ حياتي بچائي ان پوري انسانيت کي بچايو.“ پرڏيهي وزير چ??و ته امن جي فتح تائين دهشت??رد?? جي خلاف اسان جي جنگ ختم نه ٿيندي، اسان وٽ اختلافن کان قطعي نظر قومن جي وچ ۾ مڪالمي ۽ افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جو هڪ اهم موقعو آهي.