اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ 5 سالن ۾ ٽيڪس کي جي ڊي پي جي 15 سيڪڙو تائين وٺي وينداسين، سرڪاري ملڪيت جا ادارا خاص طور تي خساري جو شڪار ادارن جي سڌارن ۽ نجڪاري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، ٻاهرئين قرضن کي گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ پڻ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اقتصادي شعبي جي سڌارن تي اعليٰ سطحي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان ??يم??، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احسن اقبال، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي اوڳاڙين، مالي خساري، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن، مٽاسٽا جي ??اڻي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي اوڳاڙين، سبسڊيز، بجلي جي شعبي جي سڌارن سان گڏوگڏ وزيراعظم جي حڪومتي خرچن گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان هدايتن تي عملدرآمد تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته عامما??هو تي بار وجهڻ کانسواءِ اوڳاڙين ۾ اضافي جي ??اءِ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاق صوبن کي مضبوط ڪري 18 هين ترميم جون سموريون لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا صوبن جي حوالي ڪندو، مالي خساري کي گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي، ملڪ جي سمورن وڏن ايئرپورٽس تي سروسز جي بهتري جي ??اءِ نجي آپريٽرز سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته سرڪاري قرض ۾ ترتيبوار گهٽتائي، پينشن ۽ سبس??ي سڌارن، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي سڌارن ۽ نجڪاري تي حڪومت جو ڀرپور ڌيان آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ پروگرام جي تڪميل خوش آئنده آهي، حڪومت آءِ ايم ايف سان ايندڙ پروگرام جي ??اءِ پڻ ڀرپور محنت ڪندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اقتصادي شعبي جي ترقي جي ??اءِ عالمي شهريت يافته ماهرن جون خدمتون و??تي??ن وينديون.