ڪراچي – 05 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تا??ڙ چيو آهي ته ميڊيا هائوسز جون رهتون ڪيترن ئي سالن کان التوا جو شڪار هيون، وزيراعظم شهباز ش??يف جي هدايت تي ميڊيا هائوسز جي رهتن جي ادائگي جي لاءِ عملي قدم کنيا، اي سي سي ميڊيا هائوسز کي رهتن جي ادائگي جي لاءِ ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حق تلفي ٿيڻ نه ڏني ويندي، معيشت جي استحڪام جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه هن ميڊيا تنظيمن آل پا??ست??ن نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس)، ڪائونسل آف پا??ست??ن نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ پا??ست??ن براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) جي عهديدارن سان جدا جدا ملاقاتن دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقاتن ۾ ميڊيا ورڪرز، صحافين، اخباري صنعت کي درپيش مسئلن ۽ معاشي صورتحال سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي مسئلن کان آگاهه آهيون، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ سميت انهن جي حقن جو تحفظ ۽ سهولتن جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻنداسين. هن چيو ته ميڊيا هائوسز جون رهتون ڪيترن ئي سالن کان التوا جو شڪار هيون، وزيراعظم شهباز ش??يف جي هدايت تي ميڊيا هائوسز جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ عملي قدم کنيا آهن. هن چيو ته اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ميڊيا هائوسز کي بقايائن ۽ رهتن جي ادائگي جي لاءِ ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت حڪومت، صحافين ۽ ميڊيا هائوسز جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافين جي علاج جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، انهن کي جلد هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حق تلفي ٿيڻ نه ڏني ويندي. عطاءُ الله تا??ڙ چيو ته معاشي مشڪلاتون ضرور آهن پر وزيراعظم شهباز ش??يف جي قيادت ۾ حڪومت معاشي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته عوامي معيشت اسان جو تمام وڏو مسئلو آهي. هن چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نه ڏيندڙن جي مڪينزم بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته معيشت جي استحڪام جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي ميڊيا تنظيمن حڪومت جي معاشي بحالي جي سمورن قدمن ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. ميڊيا تنظيمن فنڊز جاري ڪرڻ ۾ تعاون فراهم ڪرڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن تفصيلي بريفنگ ڏني.