مڪه مڪرم?? – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو، ان موقعي تي بيت الله جا دروازا کولي وزيراعظم کي ??اص زيارت ڪرائي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم پنهنجي سعودي عرب جي دوري ۾ سومر ڏينهن وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو. هن خانه ??عب?? جو طواف ڪيو ۽ عمري جا ٻيا فرض ادا ڪيا. وزيراعظم خانه ??عب?? ۾ نفل پڻ ادا ڪيا، کيس بيت الله جا دروازا کولي ??اص زيارت ڪرائي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مسلمان امت جي يڪجهتي جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. هن عالمي امن، سڄي دنيا جي مسلمانن ??اص طور تي فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي حق ۾ پڻ خصوصي دعا ڪئي. وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.