اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل مفاد ۾ سيڙپڪاري، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ايس آئي ايف سي جي ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان جي دوري تي آيل سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سع??د ۽ وفد جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ منفرد لاڳاپن ۾ گڏيل مفاد ۾ سيڙپڪاري، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سعودي عرب جي وفد جي پاڪس??ان جي دوري تي سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون جڏهن ته پوري قوم س??ودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪس??ان جي دوري جي منتظر آهي، دوري دوران گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته اسان هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اسان سيڙپڪاري بابت عالمي ماهرن جي مشاورت سان فزيبلٽي تيار ڪئي آهي، اڄ جي ڳالهه ٻولهه سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿي آهي، سعودي عرب سان اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جا معاهدا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سعودي عرب جي معيار تي پورو لهنداسين، ايس آئي ايف سي شاندار ماڊل آهي جنهن مختصر وقت ۾ بهترين مڪينزم جوڙيو آهي، اسان پنهنجا هدف حاصل ڪنداسين، ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي ۾ آرمي چيف ۽ اهم سياسي شخصيتون شامل آهن، اسان گڏجي پنهنجو مشن مڪمل ڪنداسين، گڏيل منصوبن کي مڪمل ڪري اسان پنهنجو هدف حاصل ڪنداسين. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڀرپور استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃون ٿا، سعودي عرب جي وفد جي پاڪس??ان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي نئين دور جي شروعات ٿي آهي. آجياڻي ۾ وفاقي وزير، پارليامينٽ ميمبر، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سميت اعليٰ عسڪري ۽ سول عملدار پڻ موجود هئا.