اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (AEMEND) جي چونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز جو شعبو براڊ ڪاسٽ جرنلزم جو اهم ۽ حساس شعبو آهي جنهن جي اهميت تمام واضح آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار فيڪ نيوز جي خاتمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. اطلاعات واري وفاقي و??ير ن??ين چونڊيل صد?? اظهر عباس، سينيئر نائب صد?? اياز خان، نائب صد?? محمد عثمان، سيڪريٽري جنرل طارق محمود، جوائنٽ سيڪريٽري ميان طاهر، جوائنٽ سيڪريٽري ريحان خان ۽ فنانس سيڪريٽري شهاب محمود کي ن??ين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.