ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد ??هباز شريف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري ۾ اضافي جي ل??ءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪري ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيرا??ظم محمد ??هباز شريف سان چيئرمين ابوظهبي فنڊ فار ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد ??يف السُويدي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيرا??ظم حڪومت پاران معاشي استحڪام جي ل??ءِ سڌاراجاتي قدمن تي روشني وڌي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، گڏيل عرب امارات جي قيادت خاص طور تي شيخ محمد ??ن زيد النهيان جا ٿورائتا آهيون جنهن سدائين پاڪستان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي ل??ءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت ڏئي ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته اماراتي ڪمپنين جي پاڪستاني ڪمپنين سان تعاون سان ٻنهي ملڪن جي واپاري ل??ڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ملاقات ۾ وزيرا??ظم ابوظهبي فنڊز فار ڊيولپمينٽ جي وفد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني.