ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان ?? گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي ۽ دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ ان کي وسيع ڪرڻ جا امڪان ڳولڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ?? گڏيل عرب امارات جي ڪاروباري اڳواڻن کي دعوت ڏني آهي ته اهي پاڪستان ۾ خاص طور تي توانائي، انفراسٽرڪچر، سياحت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيرپڪاري جي بي پناهه موقعن مان فائدو کڻن. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان ابوظهبي چ??مب?? آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چ??مب?? آف ڪامرس جي چيئرمين عبدالله محمد المزروعي ڪئي. وفد سان ڳالهه ٻولهه دوران وزير??عظ?? گڏيل عرب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ چ??مب?? جي ڪردار کي ساراهيو. پاڪستان ?? گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جو ذڪر ڪندي وزير??عظ?? واپار جي ڪاٿي ۽ دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ ان کي وسيع ڪرڻ جا امڪان ڳولڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل عرب امارات جي ڪاروباري اڳواڻن کي دعوت ڏني ته اهي پاڪستان ۾ خاص طور تي توانائي، انفراسٽرڪچر، سياحت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيرپڪاري جي بي پناهه موقعن مان فائدو کڻن. ابوظهبي چ??مب?? آف ڪامرس جي م??مب??ن پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي.