بيجنگ – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي سرڪاري دوري جي ٻئي مرحلي ۾ چيني گادي واري شهر بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ ڪيپيٽل انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ۽ بيجنگ ۾ پاڪ??تا??ي سفارتخاني جي عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻيا وفاقي وزير به وزيراعظم سان گڏ ??هن. بيجنگ ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم چيني صدر، وزيراعظم ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سان ??دا جدا ملاقات ڪندو. چين ۽ پاڪ??تا?? جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڪيترين ئي مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ٿينديون. وزيراعظم جون چين پاڪ??تا?? اقتصادي لنگهه جي منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ ??مپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن سان ملاقاتون پڻ ٿينديون.