بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ – ??ين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهي لا??اپا گڏيل لا??ائتي تعاون تي ٻڌل آهن، سي پيڪ جو اڳيون مرحلو پاڪ – ??ين اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو، چيني سيڙپڪار ۽ واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني، چائنيز پيپلز ايسوسيئيشن فار فرينڊشپ ود فارن ڪنٽريز ۽ چائنا انٽرنيشنل ڪلچرل ڪميونيڪشن سينٽر جي حصيداري س??ن منعقد پاڪ – ??ين دوستي ۽ ڪا??وب??ري تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب ۾ پاڪساني وفد جي ٻين ميمبرن ۽ ناليوارن چيني معززن، عملدارن، تعليمي ماهرن، ٿنڪ ٽينڪ جي ماهرن ۽ ڪا??وب??ري شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي پنهنجي اهم خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪا گڏيل احترام، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گڏيل فائديمند تعاون تي ٻڌل آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ تهذيبي لا??اپن تي زور ڏيندي هن پاڪ چين دوستي جي خصوصي ۽ منفرد ڪردار کي اجاگر ڪيو جيڪا هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ڪسوٽي تي پوري لٿي. وزيراعظم عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ گهڻ رخي ۽ عالمي قانون جي اهميت تي زور ڏنو. هن گڏيل افهام تفهيم ۽ گڏيل خوشحالي جي سفر جي ذريعي خاص طور تي اسرندڙ دنيا جي ملڪن سان تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي چين جي موقف کي ساراهيو. وزيراعظم بني نوع انسان جي گڏيل مستقبل جي تعمير جي صدر شي جن پنگ جي ويزن ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو، گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو ۽ عالمي تهذيبي قدمن سميت ان سان لا??اپيل قدمن کي ساراهيو. هن موجوده دنيا کي درپيش امن، سلامتي ۽ ترقي جي چئلينجن جو عملي حل فراهم ڪرڻ جي لاءِ انهن قدمن جي تڪميل ڪئي. سي پيڪ کي پاڪستان جي معاشي سڌارن جي ايجنڊا جي اهم حصي جي طور تي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته سي پيڪ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي تعاون جي ڪاميابي ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ جو اڳيون مرحلو پاڪ چين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو ڪم ڪندو. وزيراعظم چيني سيڙپڪارن ۽ واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل عالمي سيڙپڪارن کي ون ونڊو سلوشن پيش ڪري ٿي. هن کاڻين جي کوٽائي، آءِ سي ٽي ۽ زراعت جي ترجيحي شعبن ۾ عملي ۽ گڏيل طور تي لا??ائتي تعاون تي زور ڏنو.