بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي اعزاز ۾ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پرتڪلف مانجهاندو ڏنو، چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي شاندار آجيان ڪئي جنهن ۾ گرمجوش ڀائراڻن لاڳاپن جي جهلڪ واضح رهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي ڀائراڻن جذبن ۽ شاندار مي??باني تي ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته چين عظيم ۽ قابل اعتماد ڀاءُ آهي، چين جي ترقي تي هر پاڪستاني کي فخر آهي. چين جي وزيراعظم چيو ته توهان جي جذبي، ڪم جي رفتار ۽ وچن جي پاسداري کان تمام گهڻو متاثر آهيان. ان ??وقعي تي پاڪستاني ملي نغمن جي ڌُنن مانجهاندي جي فضا کي پاڪ چين دوستي جي رنگن جي قوسِ قزاح بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز ش??يف چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان گڏ مانجهاندي ۾ آيو ته چين جي فوج جي بينڊ پاڪستاني ملي نغمن جون ڌُنون وڄائڻ شروع ڪيون. ”دل دل پاڪستان“، ”دل سي مين ني ديکا پاڪستان، جان سي مي??ا ڌرتي په ايمان“، ”مين ڀي پاڪستان ??ون تو ڀي پاڪستان ??ي“، ”جيوي جيوي پاڪستان“ جون ڌُنون وڄايون ويون. ٻنهي وزيراعظمن مسڪراهٽن ۽ تاڙيون وڄائي داد ڏني. ان ??وقعي تي مانجهاندي ۾ شريڪ پاڪستاني وفد جي ميمبرن ڀرپور تاڙين سان بينڊ کي داد ڏني.