اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) ما??ي سال 24-2023ع ۾ حڪومت طرفان سخت مالياتي نظم ۽ ضبط باوجود حڪومتي خرچن تي دٻاءُ برقرار رهيو. حڪومتي خرچن تي دٻاءُ جو بنيادي سبب قرضن تي وياج جي ادائيگين ۾ بي پناهه اضافو آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي موجب هلندڙ ما??ي سال جي پهرين 9 مهينن دوران مالياتي خسارو 3.7 سيڪڙو رهيو، هلندڙ ما??ي سال جي پهرين 9 مهينن دوران ڪل حڪومتي خرچن ۾ 36.6 سيڪڙو جو اضافو ٿي?? ۽ اهو وڌي 13682.8 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل ما??ي سال جي انهي مدي دوران اٽڪل 10 هزار ارب روپيا هو. حڪومت جي جاري خرچن ۾ 33.4 سيڪڙو جو اضافو ٿي?? ۽ اهو وڌي 12333.3 ارب روپين تي پهچي ويو. ڪل ترقياتي خرچن ۾ 14.2 سيڪڙو جو اضافو ٿي?? جيڪو وڌ?? 1158.1 ارب روپين تي پهچي ويو جيڪو گذريل ما??ي سال جي انهي عرصي دوران 1014 ارب روپيا هو ۽ عوام ما??ي سال جي پهرين 9 مهينن دوران حڪومتي محصول ۾ 41 سيڪڙو جو اضافو ٿي?? ۽ اهو وڌي 7980.4 ارب روپين تي پهچي ويو، ٽيڪس محصولن ۾ 29.3 سيڪڙو جو اضافو ٿي?? ۽ اهو وڌي 7262.5 ارب روپين تي پهچي ويو. هلندڙ ما??ي سال جي پهرين 11 مهينن دوران فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان نج عارضي ٽيڪس اوڳاڙي جي مد ۾ 30.8 سيڪڙو جو اضافو ٿي??. جيڪو وڌي 8125.7 ارب روپين تي پهچي ويو. هلندڙ ما??ي سال جي پهرين 9 مهينن دوران چئني صوبن طرفان 435.5 ارب روپين جو گڏ??ل سرپلس ڏنو ويو.