اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران مرڪزي ??ين?? مهانگائي ج?? شرح کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وياج جي شرح 1.5 سيڪڙو گهٽ ڪري 22 سيڪڙو کان 20.50 سيڪڙو تي کڻي آئي. اقتصادي سروي مطابق حڪومت طرفان مربوط ڪوششن جي نتيجي ۾ مهانگائي ج?? شرح ۾ مسلسل لاٿ نظر آئي ۽ مئي دوران مهانگائي ج?? شرح گهٽ ٿي 11.8 سيڪڙو تي اچي وئي جيڪا گذريل 30 مهينن دوران مهانگائي ج?? سڀ کان گهٽ شرح آهي. ياد رهي ته مئي 2023ع ۾ مهانگائي ج?? شرح بلند ترين 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي. حڪومت طرفان سخت مالياتي پاليسي مرڪزي ??ين?? طرفان وياج جي شرح ۾ مسلسل اضافي ۽ رسد ۾ بهتري سان مهانگائي ج?? شرح ۾ گهٽتائي آئي. حڪومت مهانگائي ج?? شرح کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ لاءِ انتظامي، رليف ۽ پالي??ي ليول تي قدم کڻي رهي آهي. عالمي سطح تي مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت مانيٽري پاليسي سبب عالمي ترقي ۾ نمايان گهٽتائي ٿي. 2023ع ۾ عالمي اقتصادي ترقي گهٽ ٿي 3.2 سيڪڙو رهي. عالمي سطح تي مهانگائي ج?? شرح ۾ گهٽتائي متوقع آهي. 2023ع ۾ مهانگائي ج?? شرح 6.8 سيڪڙو رهي ج??ڪا 2024ع ۾ گهٽ ٿي 5.9 سيڪڙو تي اچڻ جي اميد آهي. عالمي سطح تي ج??و پوليٽيڪل صورتحال سبب اقتصادي ترقي کي ڌچڪو لڳو، خاص طور تي يورپ ۽ مڊل ايسٽ ۾ جنهن سبب توانائي ج?? قيمتن ۽ روزمره استعمال جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو.