اسلام آباد – 26 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف طائر وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان ??وقعي تي وزيراعظم تاجڪ سفير جي آجيان ڪندي پاڪستان ۾ سندس مقرري جي مدي جي ڪاميابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران ??لندڙ مهيني دوشنبي جي پنهنجي تازي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته هو تاجڪ صدر امام علي رحمان جي شاندار استقبال کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ دوري دوران ??نهي اڳواڻن جي وچ ۾ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. پنهنجي دوري دوران ??نهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن/ معاهدن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم زور ڏنو ته انهن تي وقت سر عملدرآمد سان ??طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم شهباز شريف صدر رحمان کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان ??ن سال آڪٽوبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ تاجڪستان جي شرڪت جو منتظر آهي. تاجڪ سفير وزيراعظم کي تعليم، زراعت ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ زميني ۽ فضائي رستن جي ذريعي رابطن کي وڌائڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي تاجڪ سفير سان رابطو ڪري انهن تجويزن تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ه??اي?? ڪئي. ملاقات ۾ ڪاسا – 1000 سميت علائقائي رابطن جا ٻيا منصوبا به بحث هيٺ آيا. تاجڪ سفير وزيراعظم جي استقبال تي سندس ٿورا مڃ??ا، کيس تاجڪ صدر پاران ??بارڪباد پيش ڪئي ۽ پاڪستان سان ??نهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.