اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايت تي ملڪ جي 77هين يوم آزادي جي موقعي تي عزم ۽ استحڪا?? جي عنوان سان خاص ٽپال جي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. ٽپال ٽڪيٽ تي پاڪستان جي جيولين ٿرو ۽ ارشد ندي?? جي تصوير لڳائي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي. ارشد نديم پيرس او??مپڪس ۾ 92.97 ميٽر مفاصلي تي نيزو اڇلائي نئون او??مپڪ رڪارڊ قائم ڪري سون جو تم??و حاصل ڪيو ۽ نوجوان نسل لا3 هڪ مثال بڻجي ويو. ٽپال ٽڪيٽ کي عزم استحڪام جو عنوان ڏنو ويو آهي جيڪو ملڪ جي ترقي ۽ استحڪا?? جي عزم جو چٽو ثبوت آهي. ٽپال ٽڪيٽ ۾ مينار پاڪستان جي تصوير کي شامل ڪري پاڪستان جي آزادي جي جدوجهد ۽ ان جي علامتي اهميت کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. پاڪستان حڪومت طرفان يوم آزادي جي موقعي تي جاري ڪيل ٽپال ٽڪيٽ ايندڙ نسلن کي پاڪستان کي آزادي جي جدوجهد، قربانين ۽ پاڪستان حڪومت جي ملڪي استحڪام لاءِ جدوجهد ۽ عزم کان آگاهه ڪندو.