اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته مسجد نبوي جي امام شيخ صالح بن محمد البدير جو دورو پاڪ??تا?? ۽ سعودي عرب وچ ۾ گهري ۽ پائ??دا?? لاڳاپن جو مظهر آهي، پاڪ??تا?? ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا ڀائيچاري، اعتماد ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، پاڪ??تا?? ۽ سعودي عرب هر آزمائش ۾ هڪٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيا آهن، عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلمان امت ۾ اتحاد، يڪجهتي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار هن مسجد نبوي جي امام شيخ ڊاڪٽر صالح محمد بن البدير سان ڳالهائ??ند?? ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سعودي عرب جو سفير محمد نواف بن سعيد المالڪي، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب، علي محمد خان، بئريسٽر گوهر علي خان، ملڪ عامر ڊوگر، مولانا فضل الرحمان، اسد قيصر، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ ٻيا قومي اسيمبلي جا ??يم??ر به موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائ??ند?? سردار اياز صادق چيو ته مسجد نبوي جي امام جي پارليامينٽ آمد اسان لاءِ مسرت ۽ برڪت جي گهڙي آهي، مسجد نبوي جو مسلمانن جي دلين ۾ هڪ خاص مقام آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر شيخ صالح بن محمد البدير جو دورو ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اسان جي پختي عزم جو ثبوت آهي. مسجد نبوي جي امام شيخ صالح بن محمد البدير چيو ته پاڪ??تا?? جو دورو ڪري دلي خوشي ٿي آهي، پاڪ??تا?? ۾ جيڪو خلوص ۽ محبت ملي اها ياد رهندي. هن چيو ته شاندار استقبال ۽ مهمانوازي تي پاڪ??تا?? جي عوام ۽ پارليامينٽ جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪ??تا?? عالم اسلام جو هڪ اهم ملڪ آهي، مسلمان ملڪن ۾ اتحاد کي هٿي خطي ۾ پائ??دا?? امن جي قيام لاءِ پاڪ??تا?? جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي درخواست تي مسجد نبوي جي امام پاڪ??تا?? جي ترقي، خوشحالي ۽ مسلمان امت وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص دعا ڪئي.