اسلام آباد-22 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته بونا راست منصوبو اهميت وارو آهي، وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ معيشت بهتري طرف گا??زن آهي، ملڪ ۾ ميڪرو استحڪام اچ?? رهيو آهي، پاڪستاني روپئي جو قدر مستحڪم ٿ?? رهيو آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه بونا راست ڪنيڪٽيوٽي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. اسان جو ڊجيٽل اڪنامي طرف وڌڻ سٺو سنئوڻ آهي، توانائي جي شعبي ۽ ٽيڪس نظام ۾ سڌارن لاءِ پرعزم آهيون، بونا راست سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پنهنجي پيارن کي آساني سان رقم منتقل ڪري سگهندا. هن چيو ته پاڪستان ميڪرو ا??نامڪ استحڪام حاصل ڪيو ۽ سمورا معاشي اهڃاڻ مثبت رجحان ڏيکار?? رهيا آهن، هن وقت ملڪ معاشي استحڪام جي مرحلي مان گذر?? رهيو آهي ۽ حڪومت سٺي اقتصادي بنياد سان پائيدار اقتصادي ترقي جي راهه طرف گا??زن ٿيندي. هن چيو ته سمورا اقتصادي اهڃاڻ پرڏيهي ذخيرن ۽ ورڪرز جي رسد، پاليسي ريٽ، مٽاسٽا جي شرح، محصولن جي وصولي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سميت جاڙا خسارا مثبت وڃ?? رهيا آهن جيڪي ترقي طرف گا??زن آهن، هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن جو پاڪستاني معيشت تي اعتماد وڌ?? رهيو آهي، محمد اورنگزيب چيو ته اسان وٽ ٻن مهينن جو امپورٽ ڪور آهي ۽ ايڪسچينج ريٽ به مستحڪم آهي. هن چيو ته گذريل ٻن مهينن دوران پرڏيهي ڪمپنيون ۽ امڪاني سيڙپڪار معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪر?? رهيا آهن، وزير چيو ته حڪومت ڊجيٽل معيشت تي ڪم ڪر?? رهي آهي ۽ معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن ذريعي اسان مقامي معيشت کي دستاويزي بڻائڻ کي ترجيح ڏيون ٿا، هن چيو ته حڪومت دانشمنداڻي معاشي پاليسين ۽ سڌارن ۽ انتظامي قدمن سبب ملڪ کي جولاءِ 2024ع جي آخري مهيني ۾ 3 بلين ڊلرن جو پرڏيهي ناڻو مليو. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس ۽ توانائي جي سڌارن کي ترجيح ڏني ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارڊز ۾ سمورا ڍانچا جاتي سڌارا به شامل آهن. وزير چيو ته بونا راست ڪنيڪٽيوٽي پراجيڪٽ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ هڪ مثالي منصوبو آهي، جيڪو پئسين جي قانوني ڏي وٺ ۽ ملڪ ۾ ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ جو هڪ وڏو ذريعو به آهي، هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي حڪومتي ويزن 2030ع جي به توثيق ڪئي آهي ۽ پاڪستان ۾ پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ هن اقتصادي ويزن مان سبق سکيو آهي. بونا سرحد پار ادائيگي جو نظام آهي جيڪو عرب ريجنل پيمنٽس ڪليئرنگ اينڊ سيٽلمينٽ آرگنائيزيشن ذريعي هلايو ويندو آهي، جنهن جي ملڪيت دي عرب مانيٽري فنڊ وٽ آهي. بونا جو مقصد عرب خطي ۽ ان کان ٻاهر مالياتي ادارن ۽ مرڪزي بئنڪن کي مقامي ڪرنسي سان گڏوگڏ اهم عالمي ڪرنسين ۾ محفوظ، لاگت کان موثر، خطري تي ضابطو آڻيندڙ ۽ شفاف ماحول ۾ ادائيگيون موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي. بونا شرڪت ڪندڙن کي ادائيگي جو جديد حل پيش ڪري ٿو جيڪو عالمي معيارن، اصولن ۽ ??عم??ل جي گهرجن جي ??عم??ل ڪري ٿو.