اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ امام حسين عه جو چاليهو ع??يد?? ۽ احترام سان ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ جلوس برآمد ڪيا ويا، سڄي ملڪ ۾ چاليهي جي موقعي تي ??يڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيل هئا. ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو ڪالهه سومر ڏينهن 26 آگسٽ 2024ع تي ??ڄي ملڪ ۾ وڏي ع??يد?? ۽ احترام سان ملهايو ويو. ڪراچي، حيدرآباد، اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، گلگت بلتستان سميت ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا.
ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس خارادار مان نڪتو جڏهن ته حيدرآباد ۾ مرڪزي جلوس قدم گاهه مولا علي رضه تان انجمن اماميه سنڌ جي انتظام هيٺ نڪتو جيڪو روايتي ??ستن تان ٿي??دو واپس امام بارگاهه دادن شاهه پهچي اختتام پذير ٿيو. جلوس ۾ شريڪ عزادارن ماتم ۽ زنجير زاني ڪئي، جڏهن ته نوحن وسيلي ڪربلا جي شهيدن کي پرسو ڏنو ويو. جڏهن ته ان کانسواءِ بدين، تلهار، ٽنڊو ڄام، ميرپورخاص، سکر، خيرپور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو، مٺي، عمرڪوٽ سميت سنڌ جي سمورن شهرن ۾ پڻ ذوالجناح ۽ علم پاڪ سان جلوس برآمد ڪيا ويا. ان موقعي تي ??يڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. ڪراچي ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو هو جڏهن ته فورسز جا ڪيترائي جوان جلوسن تي ??ستن تي مقرر هئا.