اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ??هي ته خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو گولي هلائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو بيان سندس ناڪامي جو اعتراف ??هي ته هو ڪي پي ڪي ح??وم?? هلائڻ جي قابل ناهي، اسلام آباد ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ جي ڌمڪي 9 مئي کي دهرائڻ جو اعلان آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي گولي هلائڻ جي بيان تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير گارگند کان هاڻي گولي هلائڻ تي اچي ويو آهي، ان سان هو پنهنجو نقصان ڪندو، ڪنهن ٻئي جو نه. پي ٽي آءِ جي صوبائي ح??وم?? جو ڪو به بيان، ڪو قدم ۽ ڪو به رويو جمهوري، سياسي ۽ پارلياماني ناهي. هنن ڪڏهن به ائين ناهي چيو ته اسان تعليم، صحت، روزگار، معاشي بهتري جي ميدانن ۾ مقابلو ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته انقلاب آڻڻو ??هي ته صحت، تعليم ۽ عوام جي ڀلائي جي منصوبن جو انقلاب آڻيو، ڪي پي ۾ ڪرپشن ۽ نا اهلي جي انتها ٿي چڪي آهي، اصل مقابلو اهو هو ته وفاق ?? پنجاب وانگر بجلي جي صارفين کي ڪي پي ڪي ح??وم?? پنهنجي صوبي ۾ رليف ڏئي ها، اصل مقابلو اهو هو ته اسپتالن، درسگاهن جي تعمير سان عوام جي خدمت جو ڪو رڪارڊ ٺاهين ها. هن چيو ته چين جي صدر جي دوري کي ڌرڻن سان ناڪام بنائيندڙ هاڻي ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي وري ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهي?? ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ڊفالٽ جي ڪناري تي پهچائيندڙ پي ٽي آءِ کي تڪليف اها ??هي ته پاڪستان معاشي بحالي جي راهه تي ڇو هلي رهيو آهي، عوام کي تيز ترين مهانگائي سان تڪليف ڏيندڙن کي تڪليف ??هي ته مهانگائي 32 سيڪڙو کان 9.6 سيڪڙو تي ڇو آئي آهي. هن چيو ته گارگند، گولي ۽ بندوق سان مهانگائي گهٽ نه ٿيندي ۽ نه ئي بيروزگاري، 11 سال کان ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي ڦر لٽ جو اڏو ٺهيل آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف فلسطيني عوام جي حمايت ڪئي ۽ اسرائيل کي للڪاريو، پاڪستان ۾ اسرائيلي ايجنٽن کي ان تي تڪليف ٿي رهي آهي.