اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪا??ونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23 هين اجلا?? جي ميزباني ڪندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان ۾ ??يو ويو آهي ته ڪا??ونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ جي هاڻوڪي چيئرمين هجڻ جي ناطي وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلا?? جي صدارت ڪندو. اجلاس ۾ چين، روس، بيلاروس، قزاخستان، تاجڪستان، ڪرغزستان ۽ ازبڪستان جا وزيراعظم پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندا. ايران جو نائب صدر اول، ڀارت جو پرڏيهي وزير پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. منگوليا جو وزيراعظم مبصر ??سٽ??ٽ ۽ ترڪمانستان جي ڪا??ينا جو ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير اجلاس ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيندا. ان اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف ملڪي سربراهن ۽ وفدن سان ٻطرفيون اهم ملاقاتون به ڪندو. اجلاس ۾ ميمبر ملڪن وچ ۾ تازي اقتصادي، واپاري، ماحولياتي، سماجي، ثقافتي لاڳ??پن تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿيندي. اجلاس ۾ تنظيم جي ڪا??ڪردگي تي به غور ڪيو ويندو. ايس سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ لاڳ??پن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حوالي سان اهم فيصلا به ڪيا ويندا جڏهن ته تنظيم جي بجيٽ جي منظوري به ڏني ويندي.