اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين جي وز??راعظم لي چيانگ سان انتهائي نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي، سي پيڪ تحت اهم قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ۽ ان تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ت?? اتفاق ڪيو ويو. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وز??راعظم چيو ته چين جي وز??راعظم سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ سي پيڪ منصوبن جي وقت سر تڪميل تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، معيشت?? زراعت، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ ت?? ڳالهه ٻولهه ٿي. وز??راعظم چيو ته اسان جي تزويراتي حصيداري ۽ اسان جي بنيادي مسئلن تي مفاهمت علائقائي ا??تح??ام ۽ خوشحالي جو بنياد آهي. وز??راعظم چيو ته اسان نئين گوادر انٽرنيشنل ا??ئرپورٽ جي تڪميل جي تقريب جي گڏيل صدارت ڪئي ۽ اهم مفاهمت جي يادداشتن جي دستاويزن جي مٽاسٽا واري تقريب ۾ شريڪ ٿياسين جن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافو ٿيندو.