اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته لياقت عل?? ??ان جي ملڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، لياقت عل?? ??ان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس شمار قائداعظم محمد عل?? جناح جي انتهائي بااعتماد ۽ مخلص ساٿين ۾ ٿئي ٿو، شهيد ملت ۽ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت عل?? ??ان جي ورسي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته شهيد ملت لياقت عل?? ??ان جي ورسي جي موقعي تي قوم ۽ ملڪ لاءِ پيش ڪيل قربانين ۽ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته شهيد ملت لياقت عل?? ??ان تحريڪ پاڪستان جي سرگرم اڳواڻ قائداعظم محمد عل?? جناح جو ساٿي هو. اسپيڪر چيو ته لياقت عل?? ??ان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، ??ن پاڪستان جي وزيراعظم طور ملڪ جي بنيادن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ قوم کي متحد ڪرڻ لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. شهيد ملت اصولن ۽ نظرين تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي آزادي، سلامتي ۽ ترقي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان کي هڪ مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ ۾ اسان کي لياقت عل?? ??ان جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر لياقت عل?? ??ان جي ورسي کي قومي يڪجهتي ۽ اتحاد سان ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته شهيد ملت کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريق?? اهو آهي ته سندس مشن کي اڳتي وڌائيندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن الله تعاليٰ کان لياقت عل?? ??ان جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا ڪئي.