اسلام آباد -23 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته ٽي??سٽائيل ۽ چمڙي جي شعبي ۾ پاڪستان جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني روانگي واپار ڪندڙ ماحول دوست ۽ شفافيت جي عالمي معيار تي پورا لهي رهيا آهن، حڪومت به ٽي??سٽائيل ۽ ليڌر صنعتن لاءِ صاف توانا??ي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ پاڪستان جي پنجين عالمي ٽي??سٽائيل ۽ ليڌر نمائش ٽي??سپو 2024ع جي افتتاح جي م??قع?? تي ڪيو. نمائش جو افتتاح وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ نمائش جي مهمان خاص وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ڪيو جڏهن ته خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان م??قع?? تي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ٽي??سٽائيل ۽ ليڌر جي صنعتن ۾ پاڪستان جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني مصنوعات عالمي معيار جون آهن، ٽ??ڪسپو ۾ جديد مصنوعات جي نمائش، ٽ??ڪسٽائيل ۽ ليڌر مصنوعات پاڪستان جي قومي روانگي واپار جو 60 سيڪڙو حصو آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن عالمي معيار مطابق پاڻ کي تيار ڪري رهيون آهن. حڪومت ٽي??سٽائيل ۽ ليڌر صنعتن لاءِ صاف توانا??ي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي اهي. ڪووڊ-19 دوران پاڪستان جي ٽي??سٽائيل ۽ ليڌر صنعتن جو عزم ۽ جدوجهد تعريف جوڳا آهن. حڪومت صنعتن کي سستي اگهه تي توانائي فراهم ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي روانگي واپار ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. 2022ع ۾ 18.86 ارب ڊالرز جو تاريخي روانگي واپار ٿيو. پاڪستان جي ٽي??سٽائيل ۽ ليڌر صنعتن جو مستقبل روشن ۽ پائيدار آهي، اسان ٽي??سٽائيل ۽ ليڌر صنعتن ۾ وڌيڪ جدت آڻڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ان م??قع?? تي خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان کي پشاور ۾ به هڪ اهڙي ئي ٽي??سپو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسي سگهي ته پاڪستان ڪيترو محفوظ ملڪ آهي، جتي اڄ 52 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي. ڄام ڪمال خان سمورن پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي آجيان ڪندي هر طرح جي تعاون جو يقين ڏياريو.