اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان برطانيا جي پارلياماني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري، پرڏيھي وزير، دولت مشترڪه ۽ ترقي ھميش ??الڪز ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق اسپيڪر پارليامينٽ ھائوس آمد تي ھميش ??الڪز جي آج??ان ڪئي. اسپيڪر برطانيا جي پارلياماني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري پرڏيھي وزير ھميش ??الڪز لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. اسپيڪر دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه جو ھڪ سرگرم ميمبر آھي، دولت مشترڪه جو ھڪ ذميوار ميمبر ھجڻ جي حيثيت سان پاڪستان ھميشه دولت مشترڪه ج?? فيصلن ۽ پاليسين جي پاسداري ڪئي آھي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جمھوري ادارن کي مستحڪ?? بنائڻ لاءِ برطانيه ۽ دولت مشترڪه جون ڪاوشون واکاڻ جوڳون آھن، پاڪستان برطانيه سان پنھنجي پائيدار، تاريخي ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اھميت ڏئي ٿو. ان موقعي تي ھميش ??الڪز پاڪستان ۾ جمھوري ادارن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پارلياماني معاملن بابت انڊر اسيڪريٽري پرڏيھي وزير، دولت مشترڪه ھميش ??الڪز شاندار آج??ان تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪيو.