اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آه?? ته ڪرپشن کان پاڪ معاشري جي جوڙجڪ لاءِ اسان کي اجتماعي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، اسان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سخت احتسابي قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ گورننس ۾ شفافيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آه??ون. ايوان صدر جي پريس ونگ ??وج?? اهڙو اظهار هن بدعنواني جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ اسان ڪرپشن جي تباهه ڪن اثرن جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪرپشن جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آه??ون. هي ڏينهن ڪرپشن خلاف جدوجهد، شفافيت ۽ احتساب کي هٿي ڏيڻ لاءِ سڀني قومن جي زميوارين جي ياد ڏياري ٿو. هي ڏينهن پاڪستان سميت گڏيل قومن جي بدعنواني جي خاتمي واري ڪنووينشن جي ٻين ميمبر ملڪن طرفان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪرپشن سان عوامي اعتماد مجروح ٿئي ٿو ۽ هي وسيلن جي ضايع ٿيڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي به متاثر ڪري ٿو. اڄ اسان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سخت احتسابي قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ گورننس ۾ شفافيت کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. صدر مملڪت چيو ته گذريل سالن ۾ پاڪستان بدعنواني جي خاتمي جي عالمي فريم ورڪس جي روشني ۾ اهم قدم کنيا ۽ هڪ موثر احتسابي نظام قائم ڪيو آه??. جڏهن ته اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ باقي آه?? ۽ اسان کي پنهنجي معاشري مان ڪرپشن جي عادت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون. قومي احتساب بيورو نيب ملڪ جو ڪرپشن جي خاتمي وارو اعليٰ ادارو آه??. هن چيو ته نيب ڪرپشن جي ڪيسن جي جاچ ۽ قانوني ڪارروائي کانسواءِ ان جي ناڪاري اثرن جي باري ۾ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ ۾ به مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آه??. روڪٿام ذريعي ڪرپشن جو خاتمو به نيب جي هڪ اهم ذميواري آه??. جڏهن ته ڪرپشن خلاف جنگ ڪنهن هڪ اداري جي ڪوششن سان کٽڻ ممڪن ناهي، بدعنواني هڪ وڏو چئلينج آه?? ۽ ان جو پيچيدگيون رياست جي سمورن ٿنڀن طرفان موثر ڪوششن ۽ ڪرپشن جي بنيادي سببن تي ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪن ٿيون. صدر چيو ته ڪرپشن جي خاتمي واري ڏهاڙي جو هن سال موضوع ”نوجوانن سان متحد ٿي بدعنواني کان پاڪ مستقبل جي جوڙجڪ“ ??وج?? اهو ضروري آه?? ته معاشري جو هر طبقو خاص طور نوان سول سوسائٽي ۽ شهري بدعنواني جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪن، کين بدعنواني جي خاتمي جي ڪوششن ۾ فعال طور حصو وٺڻ، احتساب جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ۽ بدعنواني جي خاتمي جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ جي ضرورت آه??، اسان کي هر سطح تي ڪرپشن کان پاڪ ڪلچر جي جوڙجڪ لاءِ پنهنجي اجتماعي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، اسان سڀ گڏجي ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهون ٿا ته عوامي ڀلائي لاءِ رکيل وسيلا پنهنجي جائز مقصد لاءِ استعمال ٿين ۽ سمورا شهري شفاف ۽ موثر گورننس جي ثمرن مان فائدو حا??ل ڪن. صدر چيو ته اسان کي شفاف ۽ ديانتداري جو ماحول جوڙڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙي مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻو آه?? جتي ڪردار سازي کي اسان جي معاشري ۾ مرڪزي اهميت حاصل هجي.