اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سول نافرمان?? جي سڏ کا?? وڏي دشمني پاڪستان سان ڀلا ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي اعتماد جو اظهار آهي، معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام لازم?? آهي، اسلام آباد تي چڙهائي ڪندڙ شرپسندن کي نه ڇڏيو ويندو، شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جو مڪينزم طئي ٿي ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن جي اندر شام جون حالتون مڪمل تبديل ٿي ويون. پاڪستان ان صورتحال ۾ غيرجانبدار رهيو. شام ۾ هن وقت 250 زائرين ۽ 300 ٻيا پاڪستاني موجود آهن. ان کا??سواءِ ڪيترائي پاڪستاني خاندان سالن کا?? اتي آباد آهن. شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جي حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ شام ۾ پاڪستان جي سفير متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. گذريل ڏينهن منهنجي شام ۾ مقرر پاڪستاني سفير سان ملاقات به ٿي. انهن ماڻهن کي رستي ذريعي لبنان ۽ رفيق حريري ايئرپورٽ کا?? چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي واپس آڻي سگهجي ٿو. ڪالهه لبنان جي وزيراعظم سان ان سلسلي ۾ ڳالهه ڪئ?? آهي. رياض ۾ سعودي ولي عهد جي دعوت تي جڏهن آئون ويس ته منهنجي لبنان جي وزيراعظم سان ملاقات پڻ ٿي هئي. هن پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ جذبن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ امداد جا ٿورا پڻ ادا ڪي?? هئا. لبنان جي وزيراعظم بيروت جي ذريعي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جي سلسلي ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. هن لاڳاپيل عملدارن کي ان سلسلي ۾ حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اهڙي طرح شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جو مڪينزم طئي ٿي ويو آهي. وزيراعظم هفتيوار مهانگائي (ايس پي آءِ) جو انڊيڪس گهٽ ٿي 3.7 سيڪڙو تي اچڻ تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪندي چيو ته معاشي استحڪام ۽ ترق?? جي لاءِ سياسي استحڪام ۽ امن امان لازم?? آهي. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته ڪالهه آذربائيجان جي سفير سان پڻ ملاقات ٿي، فيبروري ۾ آذربائيجان جو دورو ڪندس ۽ پاڪستان ۾ آذربائيجان جي 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪار?? جي حوالي سان معاهدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪوششن ۽ قدمن سان معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي ره?? آهي. ان جي لاءِ سياسي استحڪام ضرور?? آهي. امن امان جي حوالي سان گذريل ڏينهن به اجلاس ٿيو جنهن ۾ مون هدايت ڪئ?? آهي ته اسلام آباد تي چڙهائ?? جي ناپاڪ ڪوشش ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ج?? جيڪا سازش پاڪستان جي خلاف ڪئي وئي ان ۾ جيڪو به ملوث آهي ثبوتن سان ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو ۽ ڪنهن بيگناهه کي هٿ ??ائين نه لڳايو ويندو. وزيراعظم مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اهو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي اعتماد جو اظهار آه?? جيڪي ٻاهرئين ملڪ ڏينهن رات محنت ڪري حلال رزق ڪمائين ٿا ۽ پنهنجي رقم وطن موڪلين ٿا. وزيراعظم سول نافرمان?? جي ڪال کي بدقسمتي قرار ڏيندي چيو ته ان کا?? وڏي دشمني پاڪستان سان ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان معاشي صورتحال ۾ بهتري سان پنهنجو مقام ضرور حاصل ڪندو.