راولپنڊي-08 جنوري (اي پي پي) برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ بچاءَ، دفاعي پيداوار ۽ هوابازي بابت وفاقي وزير خواجه محمد آص?? سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ- برطانيه ناتن ۽ گڏيل سهڪار کي ??ڌي?? مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. دفاع واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير ان موقعي ??ي چيو ته پاڪستان برطانيه سان پنهنجن ناتن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي ناتا عالمي امن ۽ سلامتي جي گڏيل مقصدن سان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو وڏو انگ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ مضبوط پُل جو ڪردار اد?? ڪري ٿو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ قائم فورمن ذريعي مسلسل دفاعي ??هڪار کي ساراهيندي چيو ته ان سان دفاعي ??عبي ۾ ٺوس اڳڀرائي ٿيندي. برطانوي هاءِ ڪمشنر پاڪ – برطانيه نا??ن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ناتن کي ??ڌي?? مستحڪم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.