اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ڪراچي جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم پورٽ ٽرسٽ تي قائم سائوٿ ايشيا پاڪستان ٽرمينلز جو دورو ڪندو. وزيرا??ظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ايف بي آر جي ڪسٽم ڪليئرنس جي خودڪار نظام جو افتتاح ڪندو. ان نظام جو مقصد ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ شفافيت ۽ ڪليئرنس جي وقت ۾ گهٽتائي آڻ?? آهي. وزيرا??ظم پنهنجي گذريل ڪراچي جي دوري ۾ ان خودڪار نظام کي لڳائڻ جون هدايتون ڏنيون هيون. وزيرا??ظم پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دورو ڪندو جنهن ۾ ان جي 2024ع ۾ پوري دنيا جي ٻي بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينج جو اعزاز حاصل ڪرڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. دوري ۾ وزيرا??ظم آغا خان يونيورسٽي ۾ ڪلينڪل پريڪٽس جي هدايت جي مهورتي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي ??ارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ صحت وارو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ به وزيرا??ظم سان گڏ آهن.