اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري صحافي ??وزاني ب??نس رڪارڊر جي ڊپٽي چيف ايگزيڪيوٽو ارشد زبيري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ارشد زبيري جو لاڏاڻو صحافت جي شعبي جي لاءِ ??اق??بل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته ارشد زبيري جوش ۽ جذبي سان اخباري صنعت جي خدمت ڪئي، ارشد زبيري انتهائي ب??صلاحيت ۽ تجربيڪار صحافي هو جنهن معاشي صحافت ۾ نوان معيار قائم ڪيا. هن چيو ته مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ارشد زبيري جي مغفرت فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.