اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري اميد ظاهر ڪئي آهي ته 18 آگسٽ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي جوڙجڪ جو عمل مڪمل ٿي ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نوان چونڊيل ميمبر 13 آگسٽ تي حلف کڻندا ۽ انهي ڏينهن اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيند??. چ??ئرمين تحريڪ انصاف عمران خان قومي اسيمبلي مان وزيراعظ?? چونڊجڻ کانپوءِ 18 آگسٽ تي ايوان صدر ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي ميم??رن بابت ڪو فيصلو اڃان تائين حتمي ناهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه منسٽر انڪليو جي مرمت ۽ رنگ روغن ج?? ڪم جاري هجڻ سبب پنجاب هائوس ۾ قيام ڪندو.