اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان فرانس سان معاشي تعاون وڌائڻ جي خ??اهش رکي ٿو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري دوست پاليسين جي ڪري سيڙپڪاري جي ڪافي گنجائش موجود ??هي، تڪراري شهريت (ترميمي) ايڪٽ 2019ع جو اعلان ڀارتي سيڪيولرازم جي بدنامي آهي ۽ ان سان اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي شديد ??طر?? ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ پاڪستان ۾ فرانس جي سفير مارڪ بريٽي سان ڳالهائيندي ڪيو.