اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي جديد سائنسي ايجادن جي تعم??ري ۽ ذميداراڻي استعمال کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مصنوعي ذهانت سان امڪانن ۽ موقعن ۾ سگهه پيدا ٿي آهي، اڄ دنيا ۾ سرمائي جي طاقت جهوريتن ک?? يرغمال بڻائي رکيو آهي، عالمي برادري پاران ڪشمير جي مسئلي تي اصولي فيصلو نه ڪرڻ سان پاڪستان جي عوام مايوس آهي، پاڪستان جنگ ۾ يقين نٿو رکي، پر اسان جي جوهري صلاحيت امن ۽ پنهنجي دفاع لاءِ ضروري آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم ??ون??ورسٽي ۾ عالمي اپلائيڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.